ن ليگ جي حڪومت هڪ سال ۾ به ڪجهه نه ڪري سگهي: شاهد خاقان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان 4 سالن ۾ ڪجهه ناهي ڪيو. ن ليگ جي حڪومت هڪ سال ۾ به ڪجهه نه ڪري سگهي.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پاليسيون درست ڪرڻ گهرجن، اهڙيون ڳالهيون نه هلنديون.اڳوڻي وزيراعظم اهو به چيو ته سياستدانن سميت ڪنهن کي به ملڪي حالتن جي خبر ناهي، جنهن ملڪ ۾ نيب جهڙو ادارو هجي اهو نٿو هلي سگهي.هن چيو ته اسان کي پنهنجي برآمدات کي 20 ارب ڊالرن تائين وڌائڻو آهي، ڪاروبار وڌائڻو آهي پر حڪومت واپارين کي ڪجهه به نٿي ڏئي سگهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت صنعت ۽ ڪاروبار لاءِ زمين مفت ۾ ليز ڏئي، ڊالر هيٺ نه ايندو، طلب ۽ رسد جو مسئلو آهي.هن چيو ته ملڪ جي حالتن کي ڏسندي اسان ڪنهن ايوارڊ جا حقدار ناهيون، اسان جي ملڪ ۾ ايوارڊ ورهايا وڃن ٿا، جشن آزادي تي 600 کان وڌيڪ ايوارڊن جو اعلان ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو