حڪومت جو جڙانوالا واقعي خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ختم ٿي ويو.اجلاس ۾ جڙانوالا واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ جڙانوالا واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو آهي ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي.ڪابينا اجلاس ۾ بٽگرام چيئر لفٽ ريسڪيو آپريشن بابت به بريفنگ ڏني وئي.ذريعن موجب ڪابينا هلندڙ مالي سال جي ڊيٽ جي رقم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو