ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي نگران وڏي وزير جي نالي تي صلاح مشورا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پنهنجي خط ۾ حليم عادل شيخ چيو ته نگران وڏي وزير جي چونڊ تي اپوزيشن ليڊر سان مشاورت قانون جو حصو آهي، سنڌ ۾ نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت ٿيڻ گهرجي.حليم عادل شيخ پنهنجي خط ۾ چيو ته اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ ۾ 30 ڏينهن کان به گهٽ وقت بچيو آهي.جڏهن به توهان چاهيو ته مشاورت لاءِ انهن کي گهرايو ڪريو.
