اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن حلف کڻي ورتو، صدر عارف علوي ميمبرن کان حلف ورتو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ نگران ڪابينا جي 18 ميمبرن اڄ حلف کڻي ورتو، صدر عارف علوي وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کان حلف ورتو جنهن ۾ صدر هائوس ۾ تقريب ٿي.
1. ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر – وزارت دفاع، دفاعي پيداوار ۽ هوابازي
2. سرفراز بگٽي – وزارت داخله، نارڪوٽڪس، اوورسيز پاڪستانيز
3. مرتضيٰ سولنگي – وزارت اطلاعات
4. سميع سعيد – منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت
5. جمال شاهه – وزارت قومي ورثو ۽ ثقافت
6. مدد علي سنڌي – وفاقي وزارت تعليم، قومي اتحاد، نوجوانن جا معاملا
7. احمد عرفان اسلم – وزارت قانون ۽ انصاف، قومي وسيلن، موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي
8. محمد علي – وزارت توانائي ۽ بجلي ۽ پيٽروليم
9. شمشاد اختر – وزارت ناڻي ۽ روينيو، اقتصادي معاملن، شماريات ۽ نجڪاري
10. ڊاڪٽر عمر سيف – وزارت آئي ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
11. گوهر اعجاز – ڪامرس، ٽيڪسٽائيل، صنعت ۽ پيداوار
12. انيق احمد – وزارت مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي
13. ڪيپٽن (رٽائرڊ) شاهد اشرف تارڙ – مواصلات، ريلوي، پوسٽل سروسز، بندرگاهن ۽ بحري معاملن واري وزارت
14. خليل جارج – انساني حقن جي وزارت، عورتن کي بااختيار بڻائڻ وارو کاتو
حلف برداري تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ به شرڪت ڪئي. شمشاد اختر، سرفراز بگٽي، جليل عباس جيلاني، مرتضيٰ سولنگي، انيق احمد، جمال شاهه، ڊاڪٽر عمر سيف، ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ انور علي حيدر، احمد عرفان اسلم، نديم جان، احمد تارڙ، مدد علي سنڌي، خليل جارج ۽ محمد سميع سعيد. پڻ شامل آهن.