نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس سومر تي طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وفاقي ڪابينا جو اجلاس سومر ڏينهن طلب ڪري ورتو.اجلاس ۾ ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني ويندي.ان کان علاوه اجلاس ۾ گئس جي قيمتن بابت اي سي سي جي فيصلي جي توثيق ڪئي ويندي.اجلاس ۾ غيرقانوني مهاجرن جي واپسي ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو ۽ ڪابينا کي غير قانوني معاشي سرگرمين خلاف جاري آپريشن بابت آگاهه ڪيو ويندو.ڪابينا اجلاس ۾ آءِ ايم ايف سان نومبر ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي ايجنڊا بابت به بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو