اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف نگران سيٽ اپ بابت اتحادي پارٽين جو اجلاس طلب ڪري ورتو.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نگران سيٽ اپ بابت اتحادي پارٽين جو اجلاس ڪجهه دير ۾ وڊيو لنڪ تي ٿيندو جنهن ۾ حڪومتي اتحادي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ پي ٽي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان شرڪت ڪندا. شرڪت ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ نگران وزيراعظم لاءِ نالن تي غور ڪيو ويندو.ذريعن موجب نگران وزيراعظم لاءِ اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ شيخ، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اسلم ڀوتاڻي ۽ نواز شريف جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد سميت ٻين جي نالن تي غور ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران سيٽ اپ تي مشاورت ٻن ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
