اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو،سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سينيٽر سرفراز بگٽي به وزيراعظم سان گڏ هئا.ترجمان جي يو آئي چيو ته نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ جو باجوڙ ڌماڪي تي فضل الرحمان سان تعزيت جو اظهار ڪيو، ملاقات ۾ وزيراعظم انوار الحق شهيدن لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ملاقات ۾ مولانا اسد محمود، مولانا عبدالواسع، علامه راشد سومرو، آغا سيد محمود شاهه، ملڪ سڪندر سميت ٻين شرڪت ڪئي.










