ڪاڪڙ سان آمريڪي سفير جي ملاقات، چونڊن بابت ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي.وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ آمريڪي سفير انوارالحق ڪاڪڙ کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، ان موقعي تي آمريڪي سفير پاڪستان جي اقتصادي ۽ ترقياتي ايجنڊا جي حمايت جي خواهش جو اظهار ڪيو.آمريڪي سفير سان ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پراڻن ۽ وسيع بنيادن تي ٻڌل لاڳاپا آهن.لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ گڏيل قدرن ۾ جڙيل آهن.انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي ته هو چونڊ عمل ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪري. نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته هو جمهوري منتقلي دوران آئيني تسلسل فراهم ڪري.نگران وزيراعظم پاڪستان جي معاشي استحڪام ۾ مدد ڏيڻ ۾ آمريڪا جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا کي جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.

پهنجو تبصرو موڪليو