نگران حڪومت ڪڻڪ جي معاملي تي غلط فيصلا ڪيا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ڪڻڪ جي معاملي تي غلط فيصلن جو ذميوار نگران حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته نگران حڪومت ڪڻڪ امپورٽ جي حوالي سان غلط فيصلا ڪيا آهن، جنهن سبب اڄ هاري پريشان آهن.هن چيو ته سڀني کي خبر هئي ته هن سال ڪڻڪ تمام گهڻي ٿيندي، ادارن وٽ ڊيٽا هئي پر هڪ ارب ڊالرن جي ڪڻڪ چوري ڪئي وئي جڏهن ته ملڪ ۾ ڪافي ڪڻڪ موجود آهي، جنهن به اهڙو فيصلو ڪيو ان کي سزا ملڻ گهرجي.وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پاسڪو جي خريداري جو هدف وڌائي ڇڏيو آهي، صوبن کي به هارين سان ڳالهائڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو