اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت ڊگھي رهي ته مسئلو ٿي ويندو.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ٿيڻ گهرجن. مراد علي شاهه اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته تڪ بنديون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن فوري چونڊن جو اعلان ڪري، چونڊن لاءِ جنوري جي آخر جي تاريخ ڏني وڃي ته جيئن پريشاني گهٽجي سگهي.هن چيو ته نگران حڪومت ٻن يا ٽن مهينن لاءِ آهي، جيڪڏهن مدو وڌايو ويو ته مسئلا پيدا ٿيندا، هن گهڻو اڳ چيو هو ته مسئلن جو حل رڳو چونڊن ۾ آهي، تاريخ جو اعلان جلد ڪيو وڃي، تاريخ چونڊن جو اعلان ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته غير يقيني صورتحال ختم ٿي ويندي.سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت سبب صوبي جو عوام مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، نگران حڪومت اهڙو ڪو به فيصلو نه ڪري سگهي جنهن جو اثر ايندڙ حڪومت تي پوي.هن وڌيڪ چيو ته 21 لک گهر ٻوڏ متاثرن لاءِ ٺاهي رهيا آهن ۽ مالڪن جا حق ڏنا ويا آهن، 4 لک گهر ٺاهيا ويا آهن، جڏهن ته نوري آباد پاور پراجيڪٽ مان سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، پر هاڻي ڪم سست ٿي ويو آهي.مراد علي شاهه اهو به چيو ته ورلڊ بينڪ جي رپورٽ آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ کانپوءِ بهترين ڪم ڪيو.










