نگران حڪومت وٽ منظور ٿيل قانون ڏسڻ جو مينڊيٽ ناهي: رضا رباني

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي چيئرمين سينيٽ ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته نگران حڪومت وٽ منظور ٿيل قانون ڏسڻ جو مينڊيٽ ناهي.رضا رباني چيو ته نگران حڪومت وٽ اهو مينڊيٽ ناهي ته اهي اهڙا قانون ڏسن جيڪي گذريل حڪومتن پاس ڪيا هئا.هن چيو ته نگران حڪومت جي قانون سازي تي ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ آئين جي خلاف آهي.رضا رباني وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت ان قدم ذريعي سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ کي بلڊوز ڪندي.اجلاس دوران پارلياماني معاملن واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪابينا ڪميٽي رولز آف بزنس تحت ٺاهي وئي آهي، هي ڪميٽي قانون سازي لاءِ ناهي، ان جو تعلق قاعدن ٺاهڻ سان آهي.هن چيو ته آرڊيننس آڻڻ حڪومت جو اختيار آهي، ايمرجنسي قانون سازي جي اجازت آهي، هو جيڪا قانون سازي چاهين ٿا اهو آئين ۽ قانون کان مٿانهون نه هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو