نيگليريا جي روڪٿام لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪريون پيا: واٽر بورڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) واٽر بورڊ نيگليريا جي روڪٿام لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ واٽر ڪارپوريشن شهرين کي فراهم ڪندڙ پاڻي ۾ عالمي صحت واري اداري جي مقرر ڪيل معيار ۽ گهربل مقدار موجب ڪلورين شامل ڪري رھيو آھي، واٽر ڪارپوريشن شهرين کي صحت جي عالمي اداري جي مقرر ڪيل معيارن موجب صاف ۽ صحتمند پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي جڏهن تہ واٽر ڪارپوريشن جي سرڪاري هائيڊرنٽس مان نڪرندڙ سمورن ٽينڪرن ۾ ڪلورين جي گهربل مقدار کي برقرار رکڻ لاءِ ڪلورين جون ٽڪيون شامل ڪيون پيون وڃن ان سلسلي ۾ هائيڊرينٽ سيل واٽر ڪارپوريشن ڪلورين جي گهربل مقدار کي برقرار رکڻ لاءِ مڪمل طور تي عملدرآمد ڪري رهيو آهي جنهن جي نگراني انچارج هائيڊرينٽ سيل ۽ فوڪل پرسن هائيڊرينٽ سيل پاڻ ڪري رهيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر عبدالحميد جماڻي سان ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر ثاقب علي شيخ، ڊبليو ايڇ او سنڌ جي سربراھ ڊاڪٽر ساحره سلمان، يونيسيف نمائندو ڊاڪٽر شڪيب جان، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ آرائين، انتخاب احمد راجپوت، الاهي بخش ڀٽو، فيصل قريشي سميت سمورن ضلعن جا ڊي ايڇ اوز پڻ موجود هئا، اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو تہ سمورا ادارا گڏجي هڪ گڏيل گروپ ٺاهيندا جنهن جي تحت نيگليريا جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ صحت کاتي پاران واٽر ڪارپوريشن جي سهڪار سان شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جا نمونا وٺي ڪلورينيشن جي گهربل مقدار کي برقرار رکڻ لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ واٽر ڪارپوريشن صحت کاتي سان گڏجي شهر جي مختلف علائقن مان پاڻي جا نمونا وٺي ڪري ڪلورينيشن جي گهربل مقدار کي برقرار رکڻ لاءِ قدم کڻندو، ان موقعي تي سي او او واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جي سمورن فلٽر پلانٽن جيتوڻيڪ سي او ڊي فلٽر پلانٽ، حب فلٽر پلانٽ، اين اي ڪي اولڊ، اين اي ڪي ٽو، پيپري فلٽر پلانٽ، گھارو فلٽر پلانٽ مان روزاني جي بنياد تي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تجويز ڪيل مقدار موجب ڪلورين ملائي ويندي آھي جڏهن تہ واٽر ڪارپوريشن جا سمورا فلٽر پلانٽس مناسب ڪلورينيشن لاءِ چوويهه ڪلاڪ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ واٽر ڪارپوريشن هر مهيني ضرورت مطابق 240 ڪلورين جاسلنڈر استعمال ڪري ٿو ۽ واٽر ڪارپوريشن جي مختلف ليبارٽرين ۾ روزاني بنيادن تي پاڻي جي نمونن جي چڪاس پڻ ڪئي ويندي آهي، هن اختيارين کي ٻڌايو تہ شهر جي ڏورانهن علائقن ۾ جتي پاڻي ۾ ڪلورين نٿي پھچي سگھي اتي ويجهن پمپنگ اسٽيشن ۽ بوسٽنگ اسٽيشن تي پاڻي ۾ ڪلورين ملائڻ لاءِ خاص اپاءَ ورتا پيا وڃن، ھن جو چوڻ هو تہ آلودہ پاڻي وڪرو ڪندڙن خلاف پڻ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، سي او او واٽر بورڊ شهرين کي مشورو ڏيندي چيو تہ شھري صرف واٽر ڪارپوريشن جا منظور شده واٽر ٽينڪرز استعمال ڪن، ھن جو وڌيڪ چوڻ تہ واٽر ڪارپوريشن صحت کاتي سميت سنڌ حڪومت جي ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏ نيگليريا وائرس خلاف جنگ ۾ مصروف آهي انڪري اگر اسان سڀ گڏجي سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪريون تہ هن خطرناڪ مرض کان سئو سيڪڙو محفوظ رهي سگهون ٿا، ان موقعي تي سي او او واٽر ڪارپوريشن شهرين کي نيگليريا وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو تہ سمورا شهري هر مهيني اوور هيڊ ۽ زير زمين پاڻي اسٽوريج ٽينڪن کي صاف ڪن، بغير ڪلورين شامل ٿيل سوئمنگ پولز، تلاءَ، حوض ۽ چشمن ۾ ھرگز غسل نہ ڪيو وڃي ۽ ماهرن جي صلاح مشوري سان پاڻي ۾ ڪلورين ٽڪين جو استعمال ڪيو وڃي گڏوگڏ وضو ۽ غسل ڪرڻ وقت يا عام طور تي نڪ جي صفائي لاءِ اٻاريل يا ڪلورين مليل شده پاڻي استعمال ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو