اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيپرا هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي 90 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي، جنوري مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جا اگهه وڌا ويا، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز مارچ مهيني کان وڌايل اگهن تحت بجلي جا بلز اوڳاڙي سگهندا، نيپرا بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اگهن ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ تي لاڳو نه ٿيندي.










