ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ پوليس مقابلي کانپوءِ چار ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ ٻه زخمي به شامل آهن.پوليس اختيارين موجب، گرفتار ٿيل ڌاڙيلن ۾ هڪ عورت به شامل آهي. گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان هڪ پستول، ٽي موبائل فون، 60 هزار رپيا ۽ ٻه موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.جوابدارن جاچ دوران هڪ وڏي واقعي جو به انڪشاف ڪيو آهي.پوليس موجب، جوابدارن گذريل مهيني هڪ پيٽرول پمپ جي مالڪ کان 7.5 ملين رپيا ڦريا هئا ۽ مزاحمت ڪرڻ تي پمپ جي مالڪ کي گولي هڻي ڇڏي هئي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو پڻ سامهون آئي آهي.هن هفتي جي شروعات ۾، نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ پوليس مقابلي ۾ پنج ڌاڙيل مارجي ويا هئا.










