انگلينڊ هٿان به شڪست، پاڪستان جو ورلڊ ڪپ سفر ختم

ڪولڪته ( ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 44هين ميچ ۾ به انگلينڊ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي. قومي ٽيم جي ورلڊ ڪپ مهم ناڪامي تي ختم ٿي وئي.ڪولڪتا ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 338 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن جي تعاقب ۾ قومي ٽيم 244 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.اوپنر عبدالله شفيق ٻئي بال تي آئوٽ ٿي ويو. فخر زمان صرف هڪ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.ڪپتان بابر اعظم 38 رنسون، محمد رضوان 36 رنسون ۽ سعود شڪيل 29 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو جڏهن ته افتخار احمد رڳو 3 رنسون ٺاهي سگهيو.پاڪستان جي ستين وڪيٽ 150 رنسن تي شاداب خان جي صورت ۾ ڪري پئي. عادل رشيد 4 رنسون ٺاهي شاداب کي بولڊ ڪيو.پاڪستان جي اٺين وڪيٽ 186 رنسن تي ڪري پئي جڏهن سلمان علي آغا 37 هين اوور ۾ 51 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. نائين وڪيٽ شاهين آفريدي جي روپ ۾ ٿي، هو 25 رنسون ٺاهي ايٽڪنسن جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو.انگلينڊ طرفان معين علي، عادل رشيد ۽ گس ايٽڪنسن ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.ڪولڪتا جي ايڊن گارڊن ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.انگلينڊ طرفان ڊيوڊ مولن ۽ جوني بيئرسٽو اننگز جي شروعات ڪئي ۽ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور 13.3 اوورن ۾ 82 رنسن تائين پهچايو، جنهن کانپوءِ انگلينڊ جي پهرين وڪيٽ ڪري پئي.پاڪستان طرفان افتخار احمد پهرين وڪيٽ ورتي، ڊيوڊ مولن 31 رنسون ٺاهي محمد رضوان هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.انگلينڊ جي ٻي وڪيٽ 18.2 اوورن ۾ 108 رنسن تي ڪري پئي جڏهن جوني بيرسٽو 59 رنسون ٺاهي حارث رئوف جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.بين اسٽوڪس ۽ جو روٽ وچ ۾ ٽئين وڪيٽ لاءِ 132 رنسن جي ڀائيواري انگلينڊ کي وڏو مجموعو بڻائي ڇڏيو.انگلينڊ کي ٽيون نقصان بين اسٽوڪس جي صورت ۾ ٿيو جڏهن اسٽوڪس 84 رنسون ٺاهي شاهين آفريدي جي هٿان 41 هين اوور جي پهرين بال تي 240 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو.ان کان پوءِ پاڪستاني بالرن وڪيٽون وٺڻ شروع ڪيون پر ٻئي طرف وڪيٽون وڃائڻ کان اڳ انگلش بيٽسمين رنسون ٺاهي اڳتي وڌندا رهيا.هيري بروڪ 30، جوس بٽلر 27، ڊيوڊ ولي 15، معين علي 8، ڪرس ووڪس 4 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.انگلينڊ جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 337 رنسون ٺاهيون.پاڪستان طرفان حارث رئوف 3، محمد وسيم ۽ شاهين آفريدي 2-2 وڪيٽون ورتيون ۽ افتخار احمد هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو