نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي لاءِ ٽيم جو خاڪو تيار

آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ)آڪلينڊ ۾ نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم تيار ٿي وئي آهي.ذريعن موجب شاهين آفريدي جي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ 4 فاسٽ بالرز سان گڏ ميدان ۾ لهندي، ڪپتان شاهين آفريدي کان علاوه چوٿون فاسٽ بالر عامر جمال هوندو جنهن سان گڏ حارث رئوف ۽ زمان خان هوندو،ذريعن موجب پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ محمد نواز ليگ بالر اساما مير تي ترجيح ڏني ويندي، جڏهن ته صائم ايوب وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان سان گڏ اننگز جي شروعات ڪندو،ذريعن موجب اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم ٽئين نمبر تي کيڏندو، جارح مزاج فخر زمان چوٿين نمبر تي کيڏڻ تي راضي ٿي ويو آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته اعظم خان 11 رڪني ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جي صورت ۾ وڪيٽ ڪيپر طور کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو