نيشنل هاءِ وي اٿارٽي موٽر وي ٽول ٽيڪس ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)نيشنل هاءِ وي اٿارٽي موٽر وي جي ٽول ٽيڪس ۾ واڌ ڪري ڇڏي.اختيارين موجب واڌ کانپوءِ هاڻي لاهور کان اسلام آباد ويندڙ گاڏين کي 1100 رپيا ادا ڪرڻا پوندا.اختيارين جو چوڻ آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي هر گاڏي کان 3 رپيا 7 پئسا في ڪلوميٽر وصول ڪندي.اختيارين موجب هاءِ وي تي ويندڙ مسافر وين کان 2590 رپيا وصول ڪيا ويندا، جڏهن ته مسافر بسن کان 10 رپيا 29 پئسا في ڪلوميٽر جي حساب سان 3690 رپيا وصول ڪيا ويندا.ان کان علاوه سامان جي ترسيل لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽرڪن جي ٽول ٽيڪس ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي ۽ هر ٽرڪ تي 17 رپيا 22 پئسا في ڪلوميٽر وصول ڪيو ويندو.ٽول ٽيڪس ۾ واڌ پڻ باضابطه طور تي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ڪليڪشن بوٿن ٻاهر بينر لڳايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو