نيب طرفان خورشيد شاهه سميت 18 ڄڻن خلاف ريفرنس داخل

سکر (جيرام داس ) نيب خورشيد شاھ سميت 18 ڄڻن خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو. نيب پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيدخورشيد احمد شاھ خلاف هڪ ارب 23 ڪروڙ کان وڌيڪ جو ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آھي. ريفرنس ۾  خور شيد  احمد شاھ  سميت 18 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آھي. ريفرنس ۾ خورشيد شاھ جي ڀائٽي ۽ نياڻي صوبائي وزير سيد اويس قادر شاھ، پٽن ايم پي اي فرخ شاھ.، زيرڪ شاھ. گهر وارين بيبي طلعت، بيبي گلناز، رحيم بخش اعواڻ، نثار احمد پٺاڻ، عبدالرزاق بهراڻي، محمد اڪرم خان، جنيد قادر شاھ، محمد شعيب، طفيل احمد، زوهيب مير، ثاقب رضا، محمد ثاقب ۽ ٻين  جا نالا شامل آھن. ريفرنس ۾ 600 ايڪڙ زرعي زمين ملٽي پل اڪاونٽس ڪراچي جا پلاٽس به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو