نيب جي اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد خلاف نئين انڪوائري شروع

سوات: (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد خلاف نئين انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب نيب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد خلاف نئين انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان نيب اليڪشن ڪميشن کي خط به لکيو آهي.نيب ذريعن موجب مراد سعيد مفرور ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي.ياد رهي ته مراد سعيد عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جيڪي رد ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو