نيب ترميمي آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن جي واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيٽ نيب ترميمي آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نگران قانون واري وزير عرفان اسلم نيب ترميمي آرڊيننس ۾ واڌ جو ٺهراءُ پيش ڪيو.جڏهن ته نيب ترميمي آرڊيننس ۾ توسيع جي قرارداد سينيٽ ۾ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو