نوَ مئي تي پي ٽي آءِ جو احتجاج،اڳواڻ گرفتار،اسلام آباد سيل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پوليس طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ ريحانا ڊار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ريحانا ڊار جي پٽ عُمر ڊار پنهنجي ماءُ جي گرفتاريءَ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس ماءُ سميت ٻين عورتن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. عمر ڊار چيو ته سندس ماءُ ريحانا نوَ مئي جي احتجاج جو سڏ ڏنو هو، جڏهن ته صبح کان پوليس جناح هائوس سيالڪوٽ تي سيڪيورٽي جا انتظام سنڀالي ورتا آهن.ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪري ريڊ زون سيل ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪِ انصاف طرفان اڄ اسلام آباد ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊي چوڪ جي چوڌاري ڪينٽينرز لڳايا ويا آهن ۽ پوليس جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي آهي. اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب، اسلام آباد ۾ غيرقانوني ريلي يا احتجاج جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو