نوشهري جي ٽن عدالتن جا ڌار ڌار ڪيسن ۾ اهم حڪم جاري

نوشهروفيروز( رپورٽ مشتاق حسين مري)  ضلعي جي ٽن مختلف عدالتن ٽن ڌار ڌار داخل ڪيل ڪيسن ۾ اهم حڪم جاري ڪيا آهن. سيشن جج سيد غلام شاهه جي عدالت پڊعيدن ۾ قتل ڪيل صحافي جي ڀاءُ کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ بابت ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي کان جواب طلب ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سماعت 21 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايڊيشنل سيشن ايند ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن، جيڪي پيءُ ۽ پٽ آهن، تن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي. جڏهن ته ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمٰن زمين جي کاتن م ڦيرڦار ڪندڙ ٻن تپيدارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. تفصيل موجب سيشن جج سيد غلام شاهه جي عدالت ۾ درخواستگذار دائود احمد راڄپر ايڊووڪيٽ سيد زاهد علي شاهه جي معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته مان 13 مئي تي پنهنجي ڳوٺ صالح راڄپر کان پڊعيدن پريس ڪلب اچي رهيو هيس ته ماڪوسيال موري وٽ سلور ڪار ۾ سوار هٿياربندن مون کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ۽ ڪار ۾ سوار چئن هٿياربندن مان 2 ڄڻا شڪيل احمد راڄپر ۽ غلام علي راڄپر ڪار مان لهي شڪيل احمد راڄپر ور مان پسٽل ڪڍي منهنجي لوندڙي تي رکي چيو ته تنهنجي ڀاءُ صحافي علي شير راڄپر کي اسان عبرتناڪ سزا ڏني آهي ۽ تون به ڪيس تان هٿ کڻي وڃ نه ته توهان جو به اهڙو ئي حشر ڪيو ويندو. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد ايس ايس پي، ڊي ايس پي نوشهروفيروز ۽ ايس ايڇ او پڊعيدن کي 21 مئي تي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن نوشهري جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن ايند ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي پيءُ ۽ پٽ کي 25، 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

فريادي رياض حسين ڏاھري درياخان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڳوٺ مصرجي واھ ۾ جوابدار محب اللّه ڏاھري، حاڪم علي ۽ معين ڏاھري اسان جي گهر ۾ داخل ٿي ڪھاڙين ۽ لٺين جا وار ڪري منهنجي ڀاءُ عبدالغفور ڏاھري کي قتل ڪري ڇڏيو.  ٻڌڻي دوران عدالت ۾ فريادي جي وڪيل ارباب علي چانڊيو ۽ جوابدر ڌر جي وڪيل اياز علي مري پنهنجي اصيلن پاران دليل ڏنا. عدالت دليل ٻڌڻ بعد قتل جو ڏوھ ثابت  ٿيڻ تي جوابدار پي معين ڏاهري ۽ سندس پٽ  حاڪم علي ڏاهري کي 25، 25 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل مک جوابدار محب الله ڏاهري هن وقت تائين روپوش آھي. ٻئي پاسي ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمٰن جي عدالت ۾ درخواست گذار نصير احمد ڦل ايڊووڪيٽ ثاقب ڪلهوڙو جي معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ديهه سجا محمد ۽ ديهه ڦل ۾ منهنجي  7 ايڪڙ 34 گهنٽا زرعي زمين آهي جنهن جي ريڪارڊ ۾ تپيدار غلام شبير ڦل ۽ تپيدار رحمت الله لغاري

پئسن عيوض ڦير ڦار ڪري غلام مصطفيٰ جي نالي ڪري ڇڏي آهي ۽ جڏهن مان نوشهروفيروز مختيارڪار جي تعلقه آفيس آيس ۽ هنن کان مون کاتي جي ڦير ڦير متعلق پڇا ڪئي ته هنن مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او نوشهروفيروز کي ٻنهي تپيدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو