نوشهرو ۾  اوچتو باهه لڳڻ سبب 8 گهرن جو سامان سڙي رک

نوشهرو ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 8 گهرن جو سامان سڙي رک

نوشهروفيروز (ن س )نوشهروفيروز ۾ ڀريا سٽي ڀرسان 8 گهرن کي باهه لڳي وئي،متاثرن جو چوڻ آهي ته هو رات جو سمهي رهيا هئا ته اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن گهرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. متاثرن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب گهر جو سامان، ڪڻڪ ۽ ڇوڪرين لاءِ گڏ ڪيل ڏاج پڻ سڙي ويو، پر باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.ٻئي طرف ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته فائر برگيڊ ۽ مقامي ماڻهن پهچي باهه تي ضابطو آندو.

پهنجو تبصرو موڪليو