نوراني حادثو، اسپتال آمد،مريضن جي عيادت،سهولتون ڏيڻ جي هدايت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته شاهه نوراني حادثي ۾ هينئر تائين 18 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 6 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي ٽراما سينٽر ۾ علاج هيٺ زخمين جي عيادت لاءِ پهچي ويو، جتي هن ڊاڪٽرن کان زخمين جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ طبي عملي کي زخمين جي هر ممڪن سار سنڀال لهڻ جي هدايت ڪئي.اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شاهه نوراني حادثي ۾ 18 زائرين فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 52 زخمين کي ٽراما سينٽر علاج جي لاءِ آندو ويو جن مان 40 زخمي ضروري طبي امداد ملڻ کان پوءِ واپس وڃي چڪا آهن.مراد علي شاهه ٻڌايو ته 12 ڄڻا هن وقت به علاج هيٺ آهن جن مان 5 وينٽي ليٽرز تي آهن، گهڻن زخمين کي مٿي تي ڌڪ لڳا آهن، جڏهن ته ڪجهه مريضن کي حب ۾ به طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حادثي جي سبب جي باري ۾ اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي. بلوچستان حڪومت حادثي بابت جاچ ڪرائيندي. فوت ٿيل گهڻا ماڻهو غريب آهن انهن جو روزگار پٿر ڪرش ڪرڻ آهي، اها به خبر پئي آهي ته فوتين جي وارثن کي تدفين لاءِ پريشانيون پيش اچي رهيون آهن جنهن لاءِ سنڌ حڪومت سندن مدد ڪندي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ جي انشورنس هڪ لک روپين تائين آهي پر حياتي جي ڪابه قيمت نه آهي جيڪو هي دنيا ڇڏي ويو ان جو ازالو نٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن امان کي ترجيح تي رکيو آهي اسان رينجرز سان ملي ڪم ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو