نئون ديرو (ن س) نئون ديرو جي شاهنواز ڪالوني جي رهواسي نوجوان پورهيت نظير پٽ رحيم بخش ناريجو کي جوابدارن ڪراچيءَ مان بلوچستان مزدوري جي لالچ ۾ گهرائي وندر شهر واري علائقي ۾ مبينا قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نئون ديرو ۾ نوجوان جي قتل جو اطلاع ملندي گهر اندر ماتم برپا ٿي ويو ۽ تڏو وڇايو ويو آهي، مقتول نوجوان پورهيت نظير ناريجو جي وارث عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي انصاف لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو. نوجوان جي والد رحيم بخش ناريجو، محمد رمضان علي، ارشاد، دلدار علي، ارباب، عظيمان خاتون، ڀيڻ صنم، پڦاٽ ڪومل، پڦي زيبل ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نظير ڪراچيءَ جي ڀينس ڪالونيءَ ۾ رهندو هو جتي سبزي جو ريڙهو هلائي مزدوري ڪندو هو. اسان جي پنهنجي ئي مائٽن ڪراچي مان مزدوري جي لالچ ڏئي اسان جي نوجوان نظير ناريجو کي بلوچستان جي وندر واري علائقي ۾ وٺي وڃي بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش ڳجهه ڳوھ ۾ دفنائي ڇڏيو آهي، ۽ جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن. اسان کي نوجوان جو لاش به ناهي ڏنو ويو، اسان جي گهر ۾ ماتم متل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان جو لاش سندن حوالي ڪيو وڃي.










