نواز شريف جي وطن واپسي تي استقبال نه پر کيس جيل وڃڻو پوندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ جو چوڻ آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف کي وطن واپسي تي قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ کيس جيل وڃڻو پوندو.پيپلز پارٽي، جيڪا گذريل مهيني تائين مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي اتحادي هئي، اهو واضح ڪري رهي آهي ته ايندڙ مهيني نواز شريف جڏهن وطن واپس ايندو ته پيپلز پارٽي سندس استقبال لاءِ موجود نه هوندي.قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ۽ پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته نواز شريف جي واپسي خوش آئند آهي، هو مسلم ليگ (ن) کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو.هن چيو ته نواز شريف جڏهن پاڪستان جي سرزمين تي قدم رکي ٿو ته اسان سندس استقبال لاءِ نه وينداسين ڇو ته هو اسان جو ليڊر ناهي.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مسلم ليگ (ن) سان اتحاد ٿوري عرصي لاءِ هو ڇو ته اسان شهباز شريف حڪومت جو حصو هئاسين، حڪومت ختم ٿيڻ سان اهو اتحاد به ختم ٿي ويو.فيصل ڪريم ڪنڊي ياد ڏياريو ته پ پ پ پ پ ايم ڊي جو حصو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو