اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي قانوني ٽيم جي ميمبر شعيب شاهين جو چوڻ آهي ته اڄ نواز شريف جي ضمانت منظور ڪري قانون جو مذاق بڻايو ويو،اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شعيب شاهين چيو ته تاريخ ۾ اهڙو مثال ناهي مليو جو ڪنهن مجرم کي ضمانت ملي هجي.شعيب شاهين وڌيڪ چيو ته عدالت پاڻ چيو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، نيب کي ڪنهن چيو ته اچي بيٺو ۽ چيو ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته اهڙن فيصلن سبب ماڻهو ملڪ ڇڏي رهيا آهن.
