نواز شريف جي دور ۾ پاڪستان ترقي ڪئي: شهباز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ڀارت به پاڪستان جي ترقي کي قبول ڪيو ۽ اسان جي ترقي ڏسي پوري دنيا دنگ رهجي وئي، هاڻ هو ٻيهر اچي رهيو آهي قوم نواز شريف جي تاريخي آجيان ڪندي.لاهور ۾ پنجاب تاجر ڪنونشن کي خطاب ڪندي پاڪستان مسلم ليگ نون جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نواز شريف وطن کي دنيا جي پهرين اسلامي ايٽمي طاقت بڻايو، مُلڪ کي اونداهين مان ڪڍيو، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو.هن چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ سموري مُلڪ ۾ اورنج ۽ گرين لائين بسون ۽ ٽرينون هلايون، اورنج لائين جهڙو منصوبو پوري مُلڪ ۾ ناهي، اِهي سڀ رٿائون نواز شريف جي قيادت ۾ مڪمل ٿيون، اسان نواز شريف جي وطن واپسي تي تاريخي آجيان ڪنداسين.سندس چوڻ هوته نواز شريف جي دور ۾ مُلڪ ترقي جي رستي تي گامزن هو پر نواز شريف خلاف سازش ٿي ۽ کيس هٽايو ويو، هڪ ڀيرو وري اسان جي حڪومت آئي ۽ اسان کي مهانگائي ورثي ۾ ملي، پي ٽي آءِ رياست کي برباد ڪري ڇڏيو هو.شهباز شريف چيو ته اڄوڪي ڏينهن مارشل لا ذريعي نواز شريف جي حڪومت کي ٻيو ڀيرو ختم ڪيو ويو، هي اِهو دور هو جڏهن ڀارتي وزيراعظم واجپائي چيو هوته پاڪستان جي وجود کي دل سان قبول ڪيون ٿا، ڀارت سميت پوري دنيا پاڪستان جي ترقي ڏسي حيران هئي ۽ جڏهن ته نواز شريف ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻيو ته ملڪ کي هڪ ڀيرو وري اونداهين مان ڪڍيو.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عوام نواز شريف سان محبت ڪري ٿو ته 21 آڪٽوبر تي پنهنجي قائد جو ڀرپور آڌر ڀاءُ ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو