نواز شريف جي خلاف جهاز سازش ڪيس، نو مئي واقعن جهڙو هو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني چيو آهي ته نواز شريف جي خلاف 1999ع ۾ جهاز سازش ڪيس به نو مئي واقعن جهڙن ئي هو. هڪ انٽريو ۾ هن چيو ته جهاز اغوا ڪري ڀارت ۾ لاهڻ جي ڳالهه ٿي رهي هئي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم تي ان سنگين ڪيس جي باوجود غداري جو ڪيس نه هليو ۽ هو نه رڳو ان صورتحال مان نڪري ويو. پر ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ويو. محمد علي دراني چيو ته اچ جي معاملن کي به سياسي عملن اڳتي وڌائڻ گهرجي. ٽڪراءُ سان ڪنهن واقعي جي چوڌار عوام جي راءِ کي دٻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. هن وقت مختلف بحرانن ۾ ڦاٿل آهيون. عوام جي حالت خراب آهي. ان ۾ انتهائي مايوسي پيدا ٿي چڪي آهي. هن وقت ٽڪراءِ نه پر اليڪشن ئي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته هن وقت پي ٽي آءِ ڳالهين جي لاءِ تيار آهي. ان ماضي قريب واقعن مان پنهنجي لاءِ رستو ڪڍيو آهي. سمورين پارٽين کي اهو ئي چوندس ته ڪنهن پٺ ڀرائي سان پنهنجي ڪاميابي جي ڪوشش نه ڪريون. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ماضي ۾ به چيو ته ٽڪراءِ نه پر ڊائلاگ ڪريو. ن ليگ جي دوستن کي ماضي جا مجرم تلاش نه ڪرڻ گهرجن. هڪ ڪلهي تي تلوار ۽ ٻي تي احتساب جو گند رکي ميدان ۾ نه اچڻ گهرجي. اسان احتساب ۽ انتقام جي ڳالهه ڪريون ٿا پر نيلسن منڊيلا بڻجڻ لاءِ تيار ناهيون ته جنهن اليڪشن کٽڻ کان پوءِ ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيو هو. اسان اليڪشن ۾ انتقام ۽ احتساب جي ڳالهه ڪري عوام جو بلڊ پريشر وڌايون ٿا. هن وقت عوام جو پيٽ خالي آهي. ۽ اسان ٻين جا پيٽ چاڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪيون ٿا. هن چيو ته ن ليگ ۽ پ پ ان پوزيشن ۾ ناهن. ته پي ٽي آءِ کي نو مئي واقعن ۾ سزا ڏين. ڪا پارٽي اهو به نٿي ڪري سگهي ته مون کي اليڪشن وڙهڻي آهي. ڦلاڻي کي ٻاهر ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو