نوازشريف پاران پارٽي اڳواڻن ۾ اختلافن جو نوٽيس

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي پارٽي اڳواڻن ۾ اختلافن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.پارٽي ذريعن موجب نوازشريف ٻنهي صوبن جي اڳواڻن کي پاڻ ۾ اختلاف فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ ٻنهي صوبن جا دورا اختلاف ختم ڪرڻ سان مشروط ڪري ڇڏيا آهن.نوازشريف پارٽي جي صوبائي تنظيمن جي مڪمل متحد نه ٿيڻ تائين ٻنهي صوبن جو دورو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ناراض اڳواڻن کي ٻين پارٽين ۾ شامل ٿيڻ کان روڪڻ جي به هدايت ڪئي. نوازشريف سنڌ جي صوبائي صدر بشير ميمڻ کي اختلاف ختم ڪرائڻ جون ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن. بشير ميمڻ ڪنهن به سبب جي ڪري ناراض ٿيل پارٽي اڳواڻن کي پرچائڻ لاءِ ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن.خيبرپختونخواهه صوبي ۾ پارٽي اڳواڻن جا اختلاف ختم ڪرائڻ جي ذميواري ڪيپٽن(ر) محمد صفدر کي ڏني وئي آهي جنهن ملاقات جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪيپٽن(ر) صفدر خيبرپختونخواهه جي اليڪٽيبلز جي پارٽي ۾ شموليت جي لاءِ به متحرڪ ٿي ويو ۽ سياسي خاندانن سان پڻ ملاقاتون شروع ڪري ڏنيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو