نوازشريف جا هٿ پير ٻڌڻ بغير پهلوان کي ميدان ۾ آڻيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته نواز شريف جا هٿ پير ٻڌي ڪنهن به رانديگر کي ميدان ۾ نه آڻيو، سڀني کي اٽي ۽ دال جي قيمت معلوم ٿي ويندي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته جيڪڏهن مون کي انصاف ملي ته توهان اسان کي لاڊلا سڏيو؟ پاناما ۾ نوازشريف جو ذڪر ناهي ۽ نه ئي سندس ڪا آف شور ڪمپني آهي، اسان پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم وساري ويٺا آهيون ۽ معيشت کي وينٽيليٽر تي ڏسي رهيا آهيون.جاويد لطيف چيو ته اهڙو بيانيو ۽ ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي ڄڻ اسان تي احسان نه ڪيو پيو وڃي، جاويد هاشمي اڳ ئي چئي چڪو هو ته نواز شريف کي عدليه هٽائي ويندي.هن چيو ته اربين رپيا خرچ ڪري سوشل ميڊيا ٽيمن ذريعي اسان کي چور ۽ ڌاڙيل جا لقب ڏنا ويا، خاص ڪري نوجوانن کي سوشل ميڊيا تي اهو سوچڻو پيو ته هڪ ماڻهوءَ کان سواءِ سڀ چور ۽ ڌاڙيل آهن.ن ليگ اڳواڻ چيو ته ووٽ کي عزت ڏيڻ آئين جي عزت آهي، جيڪي پاڪستان کي خراب ڪري رهيا آهن ۽ ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اچن ٿا انهن کي هڪ لٺ سان نه ڀڄائي سگهجي، اسان قانون ۽ آئين جو احترام چاهيون ٿا. جاويد لطيف چيو ته چوندا هئا ته ماڻهو مينار پاڪستان تي نه ايندا، عوام 21 آڪٽوبر تي ثابت ڪيو ته ملڪ جو مستقبل نواز شريف سان لاڳاپيل آهي، اڄ ڇو چيو پيو وڃي ته نواز شريف کي فاسٽ ٽريڪ تي انصاف ملي رهيو آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان کي ترقي ڏانهن وٺي آيا آهيون، اسان کي ٻاهر ڪڍيو ويو، اسان ڪنهن کان بدلو وٺڻ نٿا چاهيون، اسان آئين جو تحفظ چاهيون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو