نوابشاهه ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوتين جو انگ 6 ٿي ويو

نوابشاهه ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوتين جو انگ 6 ٿي ويو

نوابشاهه (ن س )نوابشاهه ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڇهن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ارباب اسٽاپ واسي بشير زرداري ۽ پنگريو موري واسي بالشير بروهي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڇهه ڄڻا ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل آهن.ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. پنهل خان چانڊيو ۽ تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ ڪچو شراب واپرائڻ جا 2 ڌار ڌار واقعا پيشا آيا. فوتين ۾ بشير زرداري، بالشير بروهي مشتاق، مور، انتظار ۽ سلام شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو