جوهي: (ن س) جوهي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نوٽيس وٺڻ ۽ ڪروڙين روپين جي لاڳت باوجود نئين گاج ڊيم ۽ تير ڀت جو ڪم گذريل 19 سالن کان رولڙي جو شڪار آهي.يوسي پٽ گل محمد، قصبو هيرو خان ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين سياسي سماجي اڳواڻ امداد خان لغاري، محمد صالح گشڪوري ۽ ٻين ڳوٺاڻن گاج ڊيم منصوبي جي اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته 1938 ۾ انگريز دور ۾ پاڻي جي درست ورهاست لاءِ بهترين ايريگيشن نظام جوڙيو ويو پر 1995 ۾ ايران بلوچستان کان مسلسل تيز برساتون پوڻ ڪري گاج جي پاڻي جي گجگوڙ سبب تير ڀت ٽٽي پئي ۽ پاڻي وڏي مقدار ڪاڇي ۾ تاريخي نقصان ڪندي ڪاڇي ۽ جوهي ۾ ٻوڏ آڻي ڇڏي هئي جنهن بعد جڏهن به ڪاڇي جي جابلو سلسلن ۾ برسات پوي ٿي ته نئن گاج ذريعي پاڻي جو تيز وهڪرو ڪاڇي اندر تباهي آڻي ٿو، جنهن بعد سرڪار پاران نئن گاج جي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاءِ گاج ڊيم رٿا جي منظوري ڏني ۽ 2005 ۾ ان وقت جي بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي وزير لياقت جتوئي باقاعده افتتاح ڪيو، جنهن کي 19 سال گُذري چڪا آهن پر اڃا تائين گاج ڊيم رٿا مڪمل ناهي ٿي سگهي ۽ علائقي جي خوشحالي واري هن رٿا کي ڪرپشن جي ور چاڙهيو ويو آهي. هن وقت تائين ڪروڙين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود 20 سيڪڙو ڪم به ناهي ٿي سگهيو.هنن چيو ته اهڙي ئي طريقي سان گاج ڊائوريشن بند جيڪو 2020 واري ٻوڏ دوران نئن گاج جي وهڪري سبب پنج لاهي وٽان ٽُٽُي پيو هيو ان ڪم ۾ به آبپاشي کاتي پاران رڪارڊ ڪرپشن ڪيو ويو آهي نتيجي ۾ نئن گاج ۾ پاڻي اچڻ سبب سندس خوفناڪ وهڪري سبب ڪاڇي واسين جو ساهه مُٺ ۾ اچي وڃي ٿو, هنن مطالبو ڪيو آهي ته گاج ڊيم ۽ گاج ڊائيوريشن بند جي مرمتي ڪم جي اڻ ڌُري جانچ ڪرائي رٿائون مڪمل ڪرايون وڃن جيئن ڪاڇي جون هزارين ايڪڙ زرعي زمينون آباد ٿي سگهن.هن چيو ته نئن گاج مان 8 واھ نڪرن ٿا جن ۾ ڪارو واهه، نئون واهه، گل محمد واهه، سڪ واهه، پنج لاھي، حاجي خان واهه ۽ ڊرگهه واهه شامل آهن جيڪي پنج سئو ڳوٺن کي آباد ڪن ٿا، نئن گاج وهي اچڻ سبب آبادي ٿيندي آهي ان کان علاوه ڪاڇي واسي پيئڻ جو پاڻي توڙي مال متاع جو پاڻي به حاصل ڪندا آهن، ايران ۽ بلوچستان جبلن کان پهچندڙ پاڻي جيڪو سدائين ٿورو گهڻو هلندو رهي ٿو , جنهن سبب هزارين ايڪڙن تي مشتمل آبادي ٿئي ٿي.










