نئين سال جي پهرئين ئي هفتي مهانگائيءَ جو طوفان

ڪراچي (رپورٽر) نئين سال جي شروعات تي به مهانگائي جي شرح ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ 2023 جي پهرئين هفتي 23 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ موجب جنوري جي پهرئين ئي هفتي مهانگائي جي شرح 1.09 سيڪڙو، جڏهن ته سالياني بنيادن تي 30.60 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب ان مختصر وقت دوران 23 عام واهپي جون شيون مهانگيون ۽ 9 سستيون ٿيون، جڏهن ته 19 شين جا اگهه مستحڪم رهيا. هڪ هفتي دوران ڪاٺيون، لوڻ، ماني، بصر، ٿوم، ٻاڪرو گوشت، ڳائو گوشت، ڪڪڙ جو گوشت، مڱن جي دال، ماش جي دال، چڻن جي دال، چانور، ڏهي ۽ کليل تازو کير مهانگو ٿيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پٽاٽا، ٽماٽا، بيضا، کنڊ، گيهه، ايل پي جي ۽ مهري دال سستي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو