نئين تڪبندين کانپوءِ چونڊون ڪرايون وڃن، جي ڊي اي جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) اليڪشن ڪميشن کان نئين تڪ بندين کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن پاران سياسي پارٽين سان مشاورت جاري آهي.ان سلسلي ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي وفد ڊاڪٽر فهميده مرزا جي سربراهي ۾ اڄ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ملاقات ڪئي.جي ڊي اي جي وفد سان ملاقات دوران چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته ٻين پارٽين جي مشاورت ۽ راءِ کي نظر ۾ رکندي اڄ اهم اجلاس سڏايو ويو آهي. اجلاس ۾ تڪ بندين جو مدو وڌيڪ گهٽائڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪندو.مشاورت دوران نئين تڪبندين جي حد بندي جي فيصلي جي جي ڊي اي جي مڪمل حمايت ڪئي وئي.گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته چونڊ تڪ بنديون شفاف چونڊن جو بنياد آهن.نئين آدمشماري موجب تڪبندين جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي. ووٽر لسٽن جي تجديد ڪئي وڃي ۽ نئين تڪبندين کان پوءِ چونڊون ڪرايون وڃن.جي ڊي اي وفد مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي سمورن صوبائي آفيسرن جي بدلي کي يقيني بڻايو وڃي.چيف اليڪشن ڪمشنر پاران نگران وڏي وزير کي خط لکڻ باوجود بدلي ۽ پوسٽنگ جو سلسلو بند ناهي ڪيو ويو.جي ڊي اي اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته غير جانبدار رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا وڃن، ضلعي اليڪشن ڪمشنرن، مختلف وفاقي سروسز جي آفيسرن کي ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو وڃي ۽ سمورا انتظام مڪمل ڪري اليڪشن شيڊول جو اعلان ڪيو وڃي.جي ڊي اي جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن ايڪشن پلان تيار ڪيو آهي جنهن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.سموريون مڪاني ادارا چونڊون ملتوي ڪيون وڃن.شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا وڃن.ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته آئين ۽ قانون تحت شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.جي ڊي اي جون مختلف تجويزون انتهائي اهم آهن، اليڪشن ڪميشن انهن تجويزن کي سنجيدگي سان وٺي.چيف اليڪشن ڪمشنر اهو به چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڊي اي جي انهن تجويزن تي آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪندي ۽ تڪبندين جي ڪم جي شفافيت کي يقيني بڻائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو