مڙس ملڪيت خاطر زال ۽ پٽن کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

پکو (عبدالوحيد ميئو) ڳوٺ محبوب مغيري واسڻ عورت مسمات درياءّ خاتون مغيري معصوم ٻارڙن رخسانا، نازيا، رفيه، سرتاج، اسرار، ستار، جواد ۽ رحمت الله سميت پنھنجي مڙس محمد امين مغيري خلاف احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته منھنجو مڙس زرعي زمين وڪرو ڪرڻ جي چڪر ۾ پٽن محمد صالح، محمد علي، محبوب علي ۽ مون کان لاتعلقي ظاھر ڪري کاتا تبديل ڪرائي رھيو آھي ان زرعي زمين ۾ منھنجو ۽ پٽن جو حصو شامل آھي. پٽن طرفان حصو گھرڻ تي ھو گھر مان ڪڍي کين موتمار ڌمڪيون ڏئي خاموش ڪرائي رھيو آھي جڏھن ته مان ھن کي زمين وڪرو ڪرڻ کان منع ڪئي ته ھن مون کي به الزام ھڻي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏھن خاموش نه رھندي ته توکي به پٽن سميت گھر مان ڪڍي ڇڏيندس. عورت وڌيڪ چيو ته مان پٽن سميت برادري جي چڱن کي مڙس جي ظلمن جي دانھن ڏني آھي پر ڪنھن به داد فرياد نه ڪئي آھي اسان جي گذر سفر جو ذريعو صرف زرعي زمين آھي جيڪا مڙس وڪرو ڪرڻ ٿو چاھي. مان حد جي روينيو عملدارن مختيارڪار، تپيدار کي به شڪايت ڪئي آھي ته اسان جي رضامندي کان سواءِ زرعي زمين جا کاتا تبديل نه ڪيا وڃن ان ۾ اسان جا حصا شامل آھن جيڪڏھن مون کي ۽ پٽن کي حصا ڏياريا وڃن ته اسان اھي حصا پنھنجي کاتن ۾ تبديل ڪرائينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو