مٺي پاني وارين ڍنڍن تي پرائيويٽ ماڻهن جي قبضي بابت وڏي وزير کي ڄاڻ ڏني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وڏي وزير جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم چيو آهي ته سنڌ جي مٺي پاني وارين ڍنڍن تي پرائيويٽ ماڻهن جي قبضي بابت سنڌ جي وڏي وزير کي ڄاڻ ڏني وئي آهي، انهن ڍنڍن ۽ واهن تي مڇي جو شڪار ڪرڻ جو حق انهن ماهگيرن جو آهي جن کي سنڌ فشريز کاتي لائسنس جاري ڪيا آهن. اهڙو اظهار اڱاري ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم پاڪستان فشرفوڪ جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ماهيگرن جي هڪ وفد سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پاڪستان فشرفوڪ جي وفد صوبائي صلاحڪار کي ٻڌايو ته سانگهڙ ۾ ڪاڪاهو ايريا ۽ چوٽياري ڊيم جي پاڻي تي بااثر ماڻهن جو قبضو ڪري مقامي ماهيگيرن کي بيدخل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ جڏهن بدين ضلعي ۾ ايل بي ڊو او وري زرخيز زمينن ۽ مڇي جي مٺي پاڻي جي تلائن ۽ ڍنڍن کي تباه ڪري ڇڏيو آهي. جتي لکين ايڪڙ زمين کاري پاڻي هيٺ اچي وئي آهي ۽ اتي مڇي جو هر نسل تباه ٿي ويو آهي. ملاقات ۾ ڊائريڪٽر جنرل فشريز سنڌ انلينڊ ذوالفقار علي لاڙڪ کي صوبائي صلاحڪار هدايتون ڏنيون ته هو ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه سان رابطو ڪري سندن ڄاڻ ۾ اهي مسئلا اڳيان رکي ۽ ان سلسلي ۾ هو لک پڙهه ڪري کين آگاه ڪري. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار چيو ته اسان سنڌ جي ماهيگرن سان ناانصافي ڪرڻ نه ڏينداسين. اسان ماهيگرن کي ليبر جو درجو ڏيارڻ لاءِ پڻ وفاقي سرڪار سميت سنڌ حڪومت کي به عملي قدم کڻڻ جو چيو آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي سياست کي چمڪائڻ لاءِ ماهيگرن جي مسئلي تي واويلا ڪري رهي آهي، هنن پنهنجي حڪومتي دورن ۾ ماهيگرن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي. اسان جي موجوده سنڌ حڪومت پارٽي قيادت خاص ڪري چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ ماهيگرن جا سڀ مسئلا حل ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو