مٺياڻي (رپورٽر) مٺياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ زميني تڪرار تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ۔ جهيڙي دوران ڪهاڙين ۽ لٺيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل ، ٻن عورتن سميت ست ڄڻا زخمي، ڌريون مورچابند ، ڳوٺ ۾ خوف ۽ حيراث ، خبرموجب مٺياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ زميني تڪرار تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ۔ جهيڙي دوران ڪهاڙين ۽ لٺيون لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت ست ڄڻا زخمي ۔ زخمين ۾ فياض ، غوث بخش ، يارمحمد ۽ ٻيا شامل ۔جڏهن ته هڪ ڄڻو استاد غلام حسين سولنگي سخت زخمي هئڻ ڪري کيس مٺياڻي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي مٺياڻي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش پوسٽ مارٽم جي لاء کڻائي آئي ۔ جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۔ مرحوم کي سوين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي مرحوم جي ڀاء سعيد سولنگي ٻڌايو ته اسان جو پنھنجي برادري جي ماڻھن سان زميني تڪرار هلندڙ هو ۔ جن اڄ اسان جي گھر تي حملو ڪري منھنجي ڀاء کي لٺيون ۽ ڪھاڙيون هڻي قتل ڪيو آهي، هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.










