ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي حڪومت اڄ، پهرين فيبروري کان ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب، پهرين فيبروري کان چين تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ هڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته آمريڪي صدر اڃا تائين يورپي يونين خلاف ٽيرف لاڳو ڪرڻ بابت حتمي فيصلو نه ڪيو آهي.هن اهو به چيو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اڱاري تي آمريڪا جو دورو ڪندو، ۽ اسرائيلي وزيراعظم آمريڪي صدر ٽرمپ سان پڻ ملاقات ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو