ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي تاريخ سامهون اچي وئي. صوبائي صحت کاتي موجب ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 19 نومبر تي ٿيندي. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي اهتمام هيٺ ٽيسٽ ايڪسپو سينٽر ۾ ٿيندي، جنهن جو دورانيو صبح ساڍي 10 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين هوندو. صحت کاتي موجب امتحاني مرڪز ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اميدوارن جي تلاشي ورتي ويندي ۽ ان دوران موبائل فون، ڪلڪيوليٽر ۽ اليڪٽرانڪ ڊوائسز آڻيندڙ اميدوار جو پرچو رد ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جي والدين ۽ مٽن مائٽن کي امتحاني مرڪز جي احاطي ۽ ڀرپاسي ۾ رهڻ جي اجازت نه هوندي.
