ميان صاحب اوهان سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان مان سبق ناهي سکيو، مينگل

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي اڳواڻ سردار اختر مينگل اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي قائد نوازشريف کي خط لکي نگران وزيراعظم جي مقرري م مشورو نه ڪرڻ تي احتجاج ڪيو آهي. هن چيو آهي ته ان عمل سبب مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي اتحادين سان پي اين پي جا سياسي ويڇا وڌي ويا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته منهنجو هي خط 22 جولاءِ 2022 واري پيغام جو حصو آهي. جن مسئلن جو ذڪر مون اڳ ڪيو هو، ڪاش انهن ۾ گهٽتائي اچي ها پر اڄ به بلوچستان ۾ ساڳيون جبري گمشدگيون ٿي رهيون آهن. سياسي حل جي بجاءِ بندوق سان مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان تي جيڪا گذري يا گذري رهي آهي اها اسان جي قسمت آهي. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته اوهان ماڻهن سان جيڪو ڪجهه ٿيو ۽ اوهان تي جيڪا گذري انهن مان اوهان اڃان تائين سبق ناهي سکيو. اختر مينگل پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته موجوده حالتن جو حل سياستدانن جي بجاءِ اسٽيبلشمينٽ جي مشاورت سان ڳوليو پيو وڃي. اسان کي جنرل ايوب کان جنرل مشرف تائين جا ظلم چڱي طرح ياد آهن پر اوهان جي پارٽي مشرف ۽ باجوه جي ظلمن، سازشن ۽ غير آئيني قدمن کي ايترو جلدي وساري ڇڏيو. اوهان رات جي اونداهي ۾ غير جمهوري قانونسازي ڪئي جنهن سان جمهوري ادارا ڪمزور ٿيندا.

هن چيو ته موجوده دور ۾ گوادر يونيورسٽي جو لاهور ۾ قيام جو اعلان ڪيو ويو، گوادر ايئرپورٽ جو نالو اهڙي شخص جي نالي سان منسوب ڪيو ويو جنهن کي شايد ئي بلوچستان جا ماڻهو سڃاڻيندا هجن. بي اين پي اڳواڻ جي خط ۾ آدمشماري تي به خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته گذريل آدمشماري ۾ بلوچستان جي آبادي جيڪا تقريبن 2 ڪروڙ 24 لک هئي ان کي 73 لک کان گهٽ ڪيو ويو. نوازشريف کي لکيل خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اهم فيصلن ۾ اتحادين کي اعتماد ۾ نه وٺڻ سان بداعتمادي وڌندي. وزيراعظم جي لاءِ اهڙي شخص جي نامزدگي ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ اسان جي سياست جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. اوهان جي اهڙي طرح جي فيصلن اسان وچ ۾ وڌيڪ وڇوٽيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. سردار اختر مينگل ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسمبلي ۾ الوداعي تقرير ۾ به ڪافي مسئلن جي نشاندهي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو