ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم بينطير ڀٽو جي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28هين ورسي 20 سيپٽمبر تي ملهائي ويندي، مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچي ۾ ڄائو، هو پيپلزپارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جو پٽ ۽ بينظير ڀٽو شهيد جو ڀاءُ هيو، هتي ذڪر جوڳي ڳالهه جو آهي ته مير مرتضيٰ ڀٽو جو ڄم ۽ موت سيپٽمبر جي مهيني ۾ ٿيو هو، ان جي سالگرهه ۽ ورسي جي تاريخن ۾ رڳو 2 ڏينهن جو فرق آهي، هو 18 سيپٽمبر 1954ع ۾ ڄائو جڏهن ته 20 سيپٽمبر 1996ع ۾ کيس اڻڃاتل ماڻهن ان وقت گوليو هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ان جي ڀيڻ بينظير ڀٽو هن ملڪ جي وزيراعظم هئي، مير مرتضيٰ ڀٽو جي بيوهه غنويٰ ڀٽو هن وقت سياست ۾ فعال آهي، مير مرتضيٰ ڀٽو جي هڪ ڌيءُ فاطمه ڀٽو ۽ هڪ پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر آهي.










