ميجر ثاقب قتل ڪيس ۾ حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽور  عدالت ميجر ثاقب اقبال کي قتل جي جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪندي جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڇنڇرتي جوابدارن نعمان عرف ماڙو ۽ فاروق عرف بابو کي ميجر ثاقب اقبال کي قتل ڪرڻ، ڌماڪيدار مواد ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي دوران پوليس پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل چالان ۾ چيو ويو آهي ته جاچ دوران جوابدارن خلاف ميجر ثاقب کي قتل ڪرڻ جون شاهديون ناهن مليون، جوابدارن وٽان مليل هٿيار ۽ ميجر ثاقب جي قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار جا خول الڳ آهن. پوليس پاران جمع ڪرايل چالان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدارن جاچ دوران ٻڌايو آهي ته خوف سبب قتل جو اعتراف ڪيو هو ۽ جاچ دوران جوابدارن کي قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار به برآمد نه ٿيو آهي. ياد رهي ته پوليس موجب 6 جون 2019ع تي ميجر ثاقب کي اي ٽي ايم جي ٻاهران جوابدارن فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. جوابدارن کي سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس غير قانوني هٿيارن سميت ٻين ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو. اهڙي رپورٽ بعد عدالت ڌماڪيدار مواد ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو