ميان نواز شريف، شينهن کان ڪبوتر تائين !

وصعت الله خان
جڏهن به ميان صاحب باز بڻجڻ کان نه مڙيو ته تڏهن بازي به کسبي رهيس. تنهن ڪري هن ڀيري هن سياڻن مسلم ليگين جي فرمائش تي دبئي ۾ اقبال جي شاهين کي احتياط سان ڇڏيو ۽ مينار پاڪستان جي ڇانوَ ۾ ڪبوتر کي ٻانهن تي ويهاريو.
اهو به احتياط ڪيو ته ڪبوتر جو پڇ زيل هجي ۽ گردن اَڪڙيل هجي، پر سادو نماڻي ٻولي ٻوليندڙ ٽائيپ باجره (ٻاجهر) چڳڻ وارو هجي. (هتي باجره کي باجره ئي پڙهيو وڃي).
هن ڀيري تياريون ايتريون ته احتياط سان ڪيون ويون جو نه ڪو پڃري ۾ بند شينهن نظر آيو ۽ نه ئي ”ڏسو، ڏسو ڪير آيو، شير آيو“ جو نعرو هنيو ويو. ڇو ته متان ڪو اهو سمجهي ته ميان شير آهي ته پوءِ اسين ڇا آهيون؟
شروع ۾ ئي ميان صاحب شڪيل بدايونيءَ جي ٻن الڳ بندن مان سٽون کڻي هڪ نئون شعر جوڙيو ۽ ادب کان اڻ واقف اسٽيبلشمينٽ جو ڌيان ڇڪايو.
ڪهان سي ڇيڙون فسانه ڪهان ختم ڪرون
ذرا نظر تو ملي ڦر انهين سلام ڪرون
پر هن ساڳئي غزل جو سالم شعر شايد احتياطن نه پڙهيو.
ان هي ڪي ظلم ڪا شڪوه ڪرون زماني سي
ان هي ڪي حق ۾ دعائين صبح شام ڪرون
سندس تقرير کان اڳ سندس ڀاءُ شهباز شريف ”اميد پاڪستان، پاڪستان جو معمار ۽ عظيم مفڪر“ جا خطاب ڏئي خبردار ڪري ڇڏيو ته وڏي ڀاءُ جي خطاب جو روح ڇا هوندو.
هن کي چڱيءَ طرح سمجھايو ويو ته تون هاڻي ماشاءَ الله ٽهتر ورهين جو آهين. توهان جي صحت به اڳ جهڙي ناهي، توهان کي شايد هڪ ڀيرو ٻيهر وڏيون ذميواريون کڻڻيون پون.
ان ڪري ’هر اداري کي پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي‘ يا ’پنهنجو حلف جي پاسداري ڪرڻ گهرجي‘ يا ’جمهوريت کي بار بار پٽڙي تان لاهڻ وارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي‘ يا ’ووٽ کي عزت ڏيو‘ جهڙا موتمار جملا هرگز زبان تي نه اچڻ گهرجن.
بس پوليون پوليون ڳالهيون ڪرڻوين آهن. مثال طور ‘اسان سڀني کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا’، ‘اسان ڪنهن کان بدلو وٺڻ نٿا چاهيون’، ‘اسان معيشت کي دلدل مان ڪڍنداسين’، ‘اسان مهانگائي ختم ڪنداسين’، اسان جا پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪنداسين، فلسطين ۽ ڪشمير بابت پنهنجي اصولي موقف کان پوئتي نه هٽنداسين، اسان زنده قوم آهيون ۽ 9 مئي وارو واقعو ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسين. وغيره وغيره.
خيال آهي ته لنڊن ۾ ميان صاحب کي ٽي تصويرون به ڏيکاريون ويون هونديون. عمران خان، ڊاڪٽر عارف علوي ۽ انوار الحق ڪاڪڙ جون. ۽ پوءِ فيصلو ميان صاحب تي ڇڏيو ويو هوندو. کين ٻڌايو ويو هوندو ته هي اهو پاڪستان ناهي جيڪو توهان چار سال اڳ ڇڏيو هو. توهان جا ته صرف پليٽليٽ تبديل ڪيا هئا. پاڪستان جون ته پليٽون ئي تبديل ڪيون ويون آهن.
توهان ته خوش قسمت آهيو جو توهان کي عدالت مان سزا ملي ۽ عدالت پاڻ توهان جي گرفتاري جو حڪم جاري ڪيو ۽ عدالت پاڻ توهان کي علاج لاءِ ٻاهر موڪليو آهي ۽ جيتوڻيڪ انهن عدالتن توهان کي مجرم قرار ڏنو آهي، پر انهن توهان کي عارضي ضمانت به ڏني آهي. ته جيئن توهان بغير ڪنهن خوف جي اسٽيج تي چمڪي سگهو. کيس هيٿرو ايئرپورٽ تي ضرور ٻڌايو ويو هوندو ته توهان سان مرتضيٰ ڀٽو جهڙو سلوڪ نه ڪيو ويندو، جنهن 3 نومبر 1993ع تي بينظير ڀٽو جي وزارت عظميٰ دوران ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو، ته کيس دهشتگرديءَ جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ اشتهاري قرار ڏيڻ سبب سڌو لانڍي جيل آندو ويو ۽ سندس امڙ ايئرپورٽ تي تڪيندي رهي هئي.
نه ئي توهان هن ڀيري ان صورتحال مان گذرندا جڏهن توهان جي زال لنڊن ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ ۾ هئي، پر جڏهن توهان ۽ توهان جي ڌيءَ 14 جولاءِ 2018ع تي لاهور ايئرپورٽ تي لٿا ته توهان ٻنهي کي گهربل جوابدار قرار ڏئي حراست ۾ ورتو ويو ۽ اسلام آباد آندو ويو. جيتوڻيڪ اوهانجو ڀاءُ ٽريفڪ سگنل تي لڳاتار لال بتي جي ڪري ايئرپورٽ اوهانجي استقبال لاءِ نه پهچي سگهيو.
ميان صاحب کي ٻڌايو ويو هوندو ته جيڪڏهن وقتي طور تي فضا توهان جي حق ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ساڳيو ماضي به جيئن جو تيئن واپس اچي ويندو.
اڄوڪي پاڪستان ۾ آئين جا صفحا ڦاڙي ان جا ڪاغذي جهاز اڏائڻ معمول جي ڳالهه آهي، عدالت ته آهي پر ترازو هوا ۾ لڏي پيو. گرفتاري ۽ ايف آءِ آر عياشي آهي.
جڏهن ماڻهو رات جو سمهندو آهي ته صبح جو بسترو خالي هوندو آهي. گهر وارن کي به اها خبر نه آهي ته اهو شخص 40 ڏينهن جي چلي تي هليو ويو آهي، اتر ين علائقن ۾ دوستن سان سير تي ويو آهي يا ڪنهن غار ۾ ويٺو سوچي رهيو آهي ته مون کي هتان اسلام آباد پريس ڪلب وڃڻو آهي يا ڪنهن کي فون ڪرڻو آهي. ٽي وي اينڪر يا جهانگير ترين جي گهر جي گھنٽي وڄائڻي.
ٿي سگهي ٿو ته جهاز جي لينڊنگ کان اڳ ميان صاحب کي ”قسم“ ڏنو ويو هجي ته هو اقبال جو ڪو به شعر ان ريلي ۾ اهڙو نه ٻڌائيندو جنهن ۾ شاهين اڏامندي نظر اچي، حبيب جالب اڄ کان پوءِ تو لاءِ حرام آهي. وڌ ۾ وڌ پروين شاڪر جو شعر پڙهي سگهو ٿا يا جيڪڏهن توهان کي تمام خراب محسوس ٿئي ٿو ته توهان کي غالب کان ڪم وٺڻو پوندو. سو ميان صاحب پنهنجي تاريخي تقرير هن شعر سان ختم ڪئي.
غالب همين نه ڇيڙ ڪه ڦر جوش اشڪ سي
بيٺهي هين هم تويه طوفان ڪيي هوئي
جهڙي طرح 6 سال اڳ ميان نواز شريف خلاف ڪرپشن ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ ميان ثاقب نثار نيب عدالتن ۾ نگران جج مقرر ڪيو هو، اهڙي طرح لڳي ٿو ته شهباز شريف کي ئي ميان نواز شريف جو نگران مقرر ڪيو ويو آهي. ان ڪري جو جڏهن به وڏو ميان صاحب جذباتي ٿئي ته سندس نگران ڀاءُ ڪن ۾ سرگوشي ڪري ته بيشڪ انسان فاني آهي.
جوليس سيزر جو ڪو ننڍو ڀاءُ ته نه هو. تنهن ڪري هن اهو فرض هڪ صاحب حوالي ڪيو هو ته جڏهن به مون کي تقرير دوران جوش اچي وڃي ۽ بڙ بڙ جي تڪليف ٿئي ته توهان کي منهنجي ڪن ۾ اهو چوڻو آهي ته ”سيزر لا فاني نه آهي“.
جلسي جي پڄاڻي تي ميان صاحب قوم جي ڀلائي لاءِ اجتماعي دعا ڪرائي، اسان جي به اها دعا آهي ته جيڪڏهن ميان صاحب کي چوٿون ڀيرو موقعو ملي ته هو اڳ وانگر دل سان فيصلا ڪرڻ بدران هن ڀيري پاڻ کي نگران وزيراعظم سمجهي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ ڪو هڪ مدو ته پورو ٿي سگهي. (نوٽ وصعت الله خان هي ڪالم بي بي سي اردو لاءِ لکيو جيڪو اسين پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ سندن ٿورن سان پيش ڪريون ٿا).

پهنجو تبصرو موڪليو