لاهور (ويب ڊيسڪ)مونس الاهي جي نيب انڪوائري رپورٽ سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ سرڪاري ٺيڪن جي بدلي ۾ ڪرپشن ۽ اسڪينڊل سامهون آيا آهن.نيب انڪوائري رپورٽ موجب مونس الاهي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ۾ ملوث ثابت ٿيو آهي.پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير بڻجڻ سان ئي منيس الاهي جي اثاثن ۾ اضافو ٿيو، هن پنهنجي فرنٽ مين عظمت حيات ۽ سهيل اصغر ذريعي ڪانٽريڪٽ لاءِ ڪڪ بيڪ ورتي.رپورٽ موجب مونس الاهي جولاءِ 2022ع کان وڏي رقم ملڪي ۽ غير ملڪي بئنڪ اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائي، جولاءِ 2022 کانپوءِ هن 384 ڪنال زمين 72 ملين رپين ۾ خريد ڪئي، خريد ڪيل زمين ظاهري طور ڪڪ بيڪ ۽ رشوت جي رقم سان ٺاهي وئي. مونس الاهي پنهنجي والد جي وڏي وزير جي عهدي جو غلط استعمال ڪندي گجرات ۾ من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏئي رشوت ورتي.
