مولوي جي تشدد سبب نينگر زهر کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

مولوي جي تشدد سبب نينگر زهر کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

شٺري ميرواھ (ن س) ٺري ميرواھ ڳوٺ ڏيٿو شر واسي نينگر مدرسي جي مولوي پاران تشدد بعد ناراضگي تي زهر کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، فوتي نينگر جي والد حسين بخش شر دانهيندي ٻڌايو تہ مولوي حامد ملاح منهنجي نينگر کي اڳ بہ انهي مدرسي ۾ تشدد ڪيو هو مون مولوي کي منع ڪئي هئي جڏھن تہ فوتي نينگر جي جسم تي تشدد جا نشان واضع آھن جيڪي ھن وڊيو ۾ ڏسي سگهجن ٿا ڇا مولوي سبق تي ايترو تشدد ڪري سگهن ٿا جو نينگر دل برداشته ٿي ڪري گهر وارن کي روئي دانهن ڏني تہ مولوي مون مٿان ايترو تشدد ڇو ڪيو آھي پوءِ فوتي زهر پي زندگي جو انت آندو خدارا مسجدن ۾ اسلام جي پرچار ڪيو قرآن پاڪ پڙھايو يا پائپن سان معصومن کي ماريو ؟؟وارث فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اسپتال روانا ٿي ويا۔

پهنجو تبصرو موڪليو