اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف مولانا فضل الرحمان جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي کيس پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اليڪشن وڙهڻ جو چئلينج ڪيو آهي.بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي مقبوليت مولانا فضل الرحمان جا حواس گم ڪري ڇڏيا آهن.هن چيو ته مولانا پاڻ يهودي ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اهڙن ڪوڙن الزامن کي عوام گهڻو اڳ رد ڪري چڪو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ به چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي سياست جو دفن چونڊن واري ڏينهن ٿي ويندو.
