ميان چنو (ويب ڊيسڪ)عالمي شهرت يافته مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل جو پٽ مولانا عاصم جميل گوليون لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. ڊي ايس پي ميان چنو جو چوڻ آهي ته مولانا عاصم جميل کي سيني ۾ گوليون لڳيون، مولانا عاصم جميل کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تلمبه رورل هيلٿ سينٽر نيو ويو پر هو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. ڊي ايس پي ميان چنون سليم مارٿ جو چوڻ آهي ته مولانا عاصم جميل جي خودڪشي جا سبب سامهون نه اچي سگهيا آهن.
