مولانا جي دوري کي سپورٽ نه ٿاڪريون،ايندو تفصيل وٺبا:ترجمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان حڪومت مولانا فضل الرحمان جي افغانستان جي دوري جي حمايت نه ڪري رهي آهي.افغانستان جي دوري تان واپسيءَ تي ساڻس بريفنگ وٺنداسون، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پهريون ڀيرو اسلام آباد ۾ گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي ڪانفرنس ٿي، گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ 70 کان وڌيڪ وفدن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ عالمي صحت جي سلامتي واري معاملي تي روشني وڌي وئي. ڪانفرنس اڄ اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهچندي.غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڏکڻ آفريڪا جي اسرائيل کي انصاف جي عالمي عدالت ۾ آڻڻ جي قدمن کي ساراهي ٿو ۽ اسان ڏکڻ آفريڪا جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطينين جو قتل عام بند ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته اسان فلسطين لاءِ ٻه رياستي حل تي يقين رکون ٿا، اهڙو حل جنهن ۾ فلسطين جون 1967 کان اڳ جون سرحدون ۽ القدس ان جي گاديءَ جو هنڌ هجي.ڪشمير مسئلي تي ڳالهائيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڀارت 70 سالن کان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کان انڪار ڪري رهيو آهي، هن ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجي بساريا جو ڪتاب ناهي پڙهيو پر اجي بساريا جي ميڊيا رپورٽ ڏٺي آهي. پلواما سياسي راند لاءِ پيش ڪيو ويو، هڪ پروفيشنل سفارتڪار جو اهڙو بيان حيرت انگيز آهي، اهو ڀارت جي فاشسٽ ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو.جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي وفد جي افغانستان جي دوري بابت پڇڻ تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته مولانا فضل الرحمان ذاتي حيثيت ۾ افغانستان ويو آهي، پاڪستان حڪومت مولانا فضل الرحمان جي دوري جي حمايت نه ڪري رهي آهي. هن حوالي سان مولانا فضل الرحمان جي دوري ۽ ملاقاتن تي تبصرو نه ڪندس.هي هڪ خانگي دورو آهي، دوري کانپوءِ مولانا فضل الرحمان بريفنگ ورتي ويندي،هن چيو ته پاڪستان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان ڳالهين ۾ دلچسپي نٿو رکي، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان اندر ڪيترائي دهشتگرد حملا ڪيا آهن، اسان جو مطالبو آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي يقين رکي ٿو، افغان واپار واري وزير جي دوري دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اميد آهي ته ڳالهين ذريعي خطي ۾ امن ۽ استحڪام ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو