اسٽيبلشمينٽ سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته سڀ خير ٿي ويندو

اسٽيبلشمينٽ سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته سڀ خير ٿي ويندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت سمجهي ٿي ته اها عوام دوست بجيٽ آهي پر ملڪ تباهه ٿي ويو آهي، هن بجيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ توجه ٽيڪس ڏيڻ تي ڏنو ويو.پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اقليت جي حڪمراني آهي، پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو ناهي.ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته مولانا فضل الرحمان چيو ته مان پنهنجي قوم جو موقف ڏيڻ چاهيان ٿو، سمورن دعوائن باوجود ملڪ معاشي طور ڪٿي بيٺو آهي.هن چيو ته مان هتي دير سان آيو آهيان ته مان سمجهان ٿو، جيڪڏهن توهان چئو ٿا ته مون کي قاعدن کان انحراف جي اجازت ڏني وئي آهي ته مان واڪ آئوٽ ڪريان ٿو.ان تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته مولانا صاحب توهان کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني آهي.مولانا فضل الرحمان جي تقرير شروع ٿيندي ئي سرڪاري ٽي وي جي لائيو نشريات بند ڪري ڇڏي ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي جمعيت علماءَ اسلام ( جَي يو آءِ ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته سڀ خير ٿي ويندو.پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت سمجهي ٿي عوام دوست بجيٽ آهي پر ملڪ تباهه ٿي ويو آهي، اقليت حڪومت ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو نه آهي

پهنجو تبصرو موڪليو